تازه ترين

ڊکڻ ويجهو ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ هڪ زخمي ٿي پيو

- Advertisement -
ڊکڻ ويجهو ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، وارثن پاران انڊس هاءِ وي تي لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڳوٺ جوابپور چانڊيو ۾ حب علي چانڊيو ۽ سڪندر چانڊيو ۾ ھلندڙ جهيڙي تان فائرنگ ۾ طارق چانڊيو مارجي ويو جڏهن ته شريف چانڊيو زخمي ٿي پيو. ٻنهي ڌرين طرفان هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ سبب پنجن ڪلاڪ تائين نوجوان جو لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيو. جديد هٿيارن سان فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. پوليس پنجن ڪلاڪن بعد نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي مديجي جي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. وارثن شمع خاتون، شمشاد خاتون، ڪلثوم ۽ ٻين جي  اڳواڻيءَ ۾ مقتول طارق چانڊيو جو لاش انڊس هاءِ وي تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته سندن نوجوان کي سڪندر چانڊيو واري ڌر جي ماڻهن زمين تان اغوا ڪري قتل ڪري ظلم ڪيو آهي. هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي شڪارپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
46 %
2.3kmh
0 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون