تازه ترين

ته تحريڪ انصاف هڪ طرف ادارن خلاف مهم هلائي ٿي: شرجيل انعام ميمڻ

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته تحريڪ انصاف هڪ طرف ادارن خلاف مهم هلائي ٿي، ٻي طرف منٿون ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ جو وڏو وزير دهشتگردن جيان اسلام آباد تي چڙهائي جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، اسلام آباد تي قبضي جي ڌمڪي مان ثابت ٿي ويو ته تحريڪ انصاف جي وڏي وزير جا ارادا دهشتگرداڻا آهن.

جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ جو وڏو وزير دهشتگردن جيان اسلام آباد تي چڙهائي جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، اسلام آباد تي قبضي جي ڌمڪي مان ثابت ٿي ويو ته تحريڪ انصاف جي وڏي وزير جا ارادا دهشتگرداڻا آهن.

سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف هڪ طرف ادارن خلاف مهم هلائي ٿي، ٻي طرف منٿون ڪري رهي آهي، تحريڪ انصاف وارا پهريان سوشل ميڊيا تي دهشتگردي ڪندا رهيا هاڻي ملڪ جي گادي واري شهر ۾ دهشتگردي جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تحريڪ انصاف ڳالهين نه ڊيل جون درخواستون ڏئي رهي آهي، پر ادارا تيار ناهن، گروپ بندي جو شڪار پي ٽي آءِ اندر هر گروپ جو پنهنجو موقف آهي.

هن چيو ته گذريل ڏيڍ سال کان تحريڪ انصاف جو هر گروپ ڊيل جون درخواستون ڏئي رهيو آهي، ادارن خلاف مهم هلائيندڙ ڪهڙي منهن سان ادارن سان ڳالهين جي ڳالهه ڪري رهيا آهن.

سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته تحريڪ انصاف پهريان ادارن خلاف مهم هلائي ۽ هاڻي ادارن کي سياست ۾ ڌڪي تڪراري بڻائڻ چاهي ٿي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهريار آفريدي جي بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪيئن عوام کي بيوقوف بڻائي اداران سان ويڙهائن ٿا، پي ٽي آءِ باني جي پارٽي اهم ملڪي ادارن کي تباهه ڪرڻ ۾ رڌل آهي………..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
18.2 ° C
18.2 °
18.2 °
34 %
2.2kmh
0 %
سُومر
28 °
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون