تازه ترين

توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاريءَ، بجلي جي رهتن جي اوڳاڙيءَ لاءِ صوبن کان مدد گهري ورتي

- Advertisement -
توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاريءَ، بجلي جي رهتن جي اوڳاڙيءَ لاءِ صوبن کان مدد گهري ورتي آهي. اويس لغاريءَ وزيراعظم جي قيادت ۾ بجلي ڪمپننين جي بهتري ۽ واهپيدارن لاءِ سستي بجلي لاءِ سڌارن جي شروعات ڪئي آهي. صوبائي وڏن وزيرن کي لکيل خط ۾ توانائي واري وفاقي وزير  بجلي جي رهتن جي ادائگي يقيني بڻائڻ جي درخواست ڪئي. سندس چوڻ هو ته بجلي جي رهتن سبب توانائي جي شعبي ۾ سڌارا متاثر ٿي رهيا آهن، صوبن  جا مختلف کاتا بلن جي ادائيگي ۾ غفلت ڪري رهيا آهن، جنهن سبب پاور ڪمپنين تي بار پئجي رهيو آهي. اويس لغاريءَ چيو ته بلن سبب بجلي جي بنا رنڊڪ سپلاءِ ۾ به ڏکيائيون سامهون اچي رهيون آهن، صوبائي وڏا وزير معاملي ۾ فوري مداخلت ڪن. توانائي واري وزير چيو ته رهتن سبب نه رڳو وفاقي حڪومت کي نقصان پيو ٿئي پر گردشي قرض وارو بحران به سنگين ٿي رهيو آهي، توانائي واري شعبي ۾ استحڪما لاءِ وفاقي سرڪار صوبائي حڪومتن کان سهڪار جي اميد ڪري ٿي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
41 %
1.4kmh
96 %
جمعو
29 °
ڇنڇر
29 °
آچر
28 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون