تازه ترين

ميرپورخاص: ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس ۾ پوليس کي قطعي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم

- Advertisement -
ميرپورخاص جي عدالت عمرڪوٽ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز جو لاش ساڙڻ واري ڪيس ۾ 18 جوابدارن بابت پوليس کان حتمي چالان طلب ڪري ورتو آهي. ميرپورخاص پوليس ھٿان مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جو لاش وارثن کان ڦري ان کي ساڙڻ واري ڪيس ۾19جوابدارن کي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻيءَ دوران جاچ آفيسر ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي حتمي چالان پيش نھ ڪيو ۽ وڌيڪ مھلت گھري، جنھن تي عدالت حتمي چالان پيش ڪرڻ لاءِ پوليس کي ايندڙ ٻڌڻيءَ تائين آخري مھلت ڏني ۽ ايندڙ ٻڌڻي 21 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته توهين مذهب جي الزام هيٺ عمرڪوٽ جي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر تي ڪيس داخل ڪرڻ بعد پوليس کيس گرفتار ڪري ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيو هو ۽ بعد ۾ عمرڪوٽ پهچڻ تي شر پسند ماڻهن لاش دفنائڻ نه ڏنو ۽ لاش وارثن کان کسي باهه ڏئي ساڙيو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
41 %
1.4kmh
96 %
جمعو
29 °
ڇنڇر
29 °
آچر
28 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون