- Advertisement -
باني پي ٽي آءِ خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ وڪيل شعيب شاهين ۽ اليڪشن ڪميشن ميمبرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي.
اليڪشن ڪيمشن ۾ تحريڪ انصاف جي باني ۽ فواد چوڌري خلاف توهين اليڪشن ڪيمشن ۽ توهين چيف اليڪشن ڪمشنر ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
پي ٽي آءِ جي وڪيل شعيب شاهين چيو ته اسان کي ڪو به نوٽيس ناهي مليو، اڄ صبح ٽي وي تان معلوم ٿيو ته ٻڌڻي آهي.
ميمبر اليڪشن ڪميشن سوال ڪيو ته ڇا ڊي ڊي لا توهان کي نوٽيس نه موڪليو هو؟.
ڊي ڊي لاءِ ، اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته ان ڏينهن جيل ۾ ٻڌڻي جي تاريخ جو اعلان ٿي ويو هو.
پي ٽي آءِ وڪيل چيو ته بيٽ جو نشان واپس وٺڻ بعد توهان اسان کان تنقيد جو حق به کسي رهيا آهيو.
هن چيو ته ، چونڊن جي ڏينهن ۾ اسان جي ليڊر کي توهين اليڪشن ڪميشن جي سزا ٿي ويندي، ڪيس ملتوي ڪيو وڃي.
ميمبر اليڪشن ڪيمشن چيو ته جيل ۾ جيڪو ٿيو ان تي هو خاموش آهن، جيڪو جواب ڏيندڙ جيل ۾ ڪيو اهڙو رويو اسان پهريا ڪڏهن به ناهي ڏٺو.
ميمبر اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هوته، اسان گهڻو ڪجهه ڪري سگهون پيا، توهان جي وڪيلن حملو ڪيو هو، تنقيد ٿيڻ گهرجي گاريون ته ڏيڻ گهرجن.
اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 24 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
