توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري تي فرد جرم لاڳو

- Advertisement -
توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ جي باني ۽ فواد چوڌري خلاف راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي اليڪشن ڪميشن جي چار رڪني بئنچ ڪئي. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي باني ۽ فواد چوڌري عدالتي ڪمري ۾ موجود هئا. عدالت ۾ جوابدارن کي فرد جرم پڙهي ٻڌائي وئي، جنهن تي ٻنهي چارج شيٽ ۾ لڳل الزامن کان انڪار ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي سورهن جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين خلاف جيل ۾ ٽرائل جي منظوري ڏني وئي هئي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
25 ° C
25 °
25 °
40%
2.6m/s
0%
اڱارو
25 °
اربع
32 °
خميس
24 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
28 °

تازه ترين خبرون