- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خالد لانگو جي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ بابت ڪيس ۾ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا آهن ته سزا وارو فيصلو معطل نه وقت تائين اميدوار چونڊ نه ٿو وڙهي سگهي، اهڙن ماڻهن کي چونڊ وڙهڻ کان پري رکيو وڃي، اهڙن کي ته جيل جي دروازي طرف وڃڻ گهرجي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ اڳوڻي ناڻي واري صلاحڪار خالد لانگو جي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
درخواست ڏيندڙ جي وڪيل عدالت آڏو موقف اختيار ڪيو ته خالد لانگو عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ چاهي ٿو، فيصلو معطل ڪيو وڃي.
چيف جسٽس چيو ته سزا وارو فيصلو معطل نه وقت تائين اميدوار چونڊ نه ٿو وڙهي سگهي، خالد لانگو جي گهران ٽرڪن جي حساب سان پيسو نڪتو آهي، 2 ارب 24 ڪروڙ 91 رپيا هٿ اچڻ تي رڳو 26 مهينن جي سزا ڇو ڏني وئي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته بلوچستان مان اهڙن ماڻهن کي چونڊ وڙهڻ کان پري رکڻ گهرجي، اوهان کي اصيل کي ته جيل جي دروازي طرف وڃڻ گهرجي، ڇا بلوچستان جا پيسا وڌيڪ چوري ڪرڻ لاءِ اليڪشن وڙهڻي آهي؟
چيف جسٽس چيو ته نيب جي تاريخ ۾ ڪنهن کي به ايتري گهٽ سزا ناهي ٿي، مهرباني ڪري بلوچستان جي ماڻهن کي بخشو، صوبي ۾ هڪ روڊ به ناهي ٺهي سگهيو.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سوال اٿاريو ته ڇا ان شخص جا اهڙا لاڳاپا آهن جو نيب اپيل داخل نه پئي ڪري.
عدالت خالد لانگو جي درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏي….- Advertisement -
