ججن وٽ بادشاهن وانگر لامحدود اختيار نه آهن،  قانون جي حدن ۾ رهي ڪري فيصلو ڪرڻو پوندو آهي: سپريم ڪورٽ

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ججن وٽ بادشاهن وانگر لامحدود اختيار نه آهن،  قانون جي حدن ۾ رهي ڪري فيصلو ڪرڻو پوندو آهي. سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي خاص عدالت جي فيصلي خلاف اپيل تي تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ پرويز مشرف خلاف خاص عدالت جي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو. فيصلي موجب خاص عدالت جي فيصلي خلاف اپيل رڳو سپريم ڪورٽ ۾ ئي ڪري سگهجي ٿي، مشرف جي ٽرائل سپريم ڪورٽ سان 2 ڀيرا رابطو ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ خاص عدالت جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي سڄي عدالتي نظام کي گهٽ ڏيکاريو. سپريم ڪورٽ چيو ته خاص عدالت تي مصطفيٰ ايمڪيٽ ڪيس جو فيصلو لاڳو نه ٿو ٿي سگهي، خاص عدالت جي آرٽيڪل 9 تحت جوابدارن جي غير حاضري ۾ ٽرائل ٿي سگهي ٿو، هاءِ ڪورٽ  پرويز مشرف کي اهو رليف به ڏنو جيڪو طلب ئي نه ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ججن کي بادشاهن وانگر لامحدود اختيار نه هوندا آهن، قانون جي حدن ۾ رهي فيصلا ڪرڻا پوندا آهن. سپريم ڪورٽ موجب ججن کي قائم ڪيل قانون ۽ اصولن جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ گهرجن، ججن کي ذاتي مفادن ۽ ذاتي خواهشن بدران قائم ڪيل عدالتي اصولن ۽ قانون موجب فيصلا ڪرڻ گهرجن. فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته ڇو ته پرويز مشرف پي سي او جي ايڇ ڪيو راولپنڊي مان جاري ڪيو هو، جنهن ڪري لاهور هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري سگهي ٿي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
14%
0.5m/s
23%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون