جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ فيڪ نيوز جو چئلينج آڏو آهي:بلاول ڀٽو زرداري

spot_img
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ فيڪ نيوز جو چئلينج آڏو آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، نوجوان اڳتي وڌي ملڪ جي تقدير تبديل ڪري سگهن ٿا، ٽيڪنالاجي سموري دنيا ۾ تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، جديد ٽيڪنالاجي کي رڳو انسانيت جي خدمت لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي، سنڌ موسمياتي تبديلي ۾ فرنٽ لائن تي آهي، اڏاوتون موسمياتي تبديلي کي نظر ۾ رکندي ٿيڻ گهرجن. بلاول ڀٽو زرداري مهران يونيورسٽي ۾ سالياني ڪانووڪيشن ۾ شرڪت ڪئي،  جنهن دوران وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ به ساڻس گڏ هو. تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ جا نوجوان تعليمي ميدان ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، نوجوانن جي رستن مان رنڊڪون هٽائڻيون پونديون. هن چيو ته نوجوان اڳتي وڌي ملڪ جي تقدير تبديل ڪري سگهن ٿا، ڊگريون حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هو واڌايون پيش ڪري ٿو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڊجيٽل ڊس انفارميشن ۽ سائبر ڪرائمز سڀ کان وڏو چئلينج آهن، چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ٽيڪنالاجي سموري دنيا ۾ تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، جديد ٽيڪنالاجي کي رڳو انسانيت جي خدمت لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ خوبصورت ثقافت جي مالڪ ڌرتي آهي، پر کين موسمياتي تبديليءَ جا چئلينج آڏو آهن. پ پ چيئرمين چيو ته  انفرا اسٽرچڪر جي ترقيءَ ۾ انجنيئرن جو اهم ڪردار  آهي، کين ترقي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻو پوندو……………

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3 ° C
12.3 °
12.3 °
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون