تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

بلوچستان جي علائقي نوشڪي ۾ فائرنگ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا

- Advertisement -
بلوچستان جي علائقي نوشڪي ۾ فائرنگ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا، وڏي وزير سرفراز بگٽي نوشڪي ۾ فائرنگ ۾ 11 ڄڻن جي مارجڻ جي مذمت ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي معاف نه ڪيو ويندو، معصوم ماڻهن تي حملي ۾ ملوث دهشتگردن جو پيڇو ڪيو ويندو، دهشتگردي جي واقعن جو مقصد بلوچستان جو امن تباهه ڪرڻ آهي. بلوچستان جي علائقي نوشڪي ۾ فائرنگ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته قومي شاهراهه تي هٿياربندن مسافر بس مان 9 پورهيتن کي اغوا ڪرڻ بعد جبل طرف وٺي ويا. پوليس موجب، مسافر بس ڪوئيٽا کان تفتان وڃي رهي هئي. پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربند اغوا ڪيل 9 ڄڻن کي قتل ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته لاش جبل ويجهو پل هيٺيان مليا. پوليس موجب، مارجي ويل پورهيتن جو تعلق منڊي بهاءُ الدين، گوجرانوالا ۽ وزيرآباد سان آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته نوشڪي ۾ قومي شاهه تي هٿياربندن جي گاڏي تي فائرنگ جي ٻئي واقعي ۾ 2 ڄڻا قتل ۽ 5 زخمي ٿي پيا. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي نوشڪي ۾ فائرنگ ۾ 11 ڄڻن جي مارجڻ جي مذمت ڪئي آهي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي معاف نه ڪيو ويندو، معصوم ماڻهن تي حملي ۾ ملوث دهشتگردن جو پيڇو ڪيو ويندو، دهشتگردي جي واقعن جو مقصد بلوچستان جو امن تباهه ڪرڻ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
4 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.8 ° C
27.8 °
27.8 °
3 %
9kmh
0 %
آچر
29 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون