جسٽس رٽائرڊ سردار طارق مسعود ۽ مظهر عالم ميان سپريم ڪورٽ جي ايڊهاڪ جج طور قسم کڻي ورتو

- Advertisement -
جسٽس رٽائرڊ سردار طارق مسعود ۽ جسٽس رٽائرڊ مظهر عالم ميان خيل سپريم ڪورٽ جي ايڊهاڪ جج طور قسم کڻي ورتو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٻنهي ايڊهاڪ ججن کي قسم کڻايو. جسٽس رٽائرڊ سردار طارق مسعود ۽ جسٽس رٽائرڊ مظهر عالم ميان خيل جي سپريم ڪورٽ جي ايڊهاڪ جج طور قسم کڻڻ واري تقريب ججز بلاڪ ڪميٽي روم ۾ ٿي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس رٽائرڊ سردار طارق مسعود ۽ جسٽس رٽائرڊ مظهر عالم ميان خيل کي سپريم ڪورٽ جي ايڊهاڪ جج طور قسم کڻايو. قسم کڻڻ واري تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن، اٽارني جنرل، سينيئر وڪيلن، ايڊهاڪ ججن جي گهرڀاتين ۽ عدالتي عملي شرڪت ڪئي. ٻنهي ججن کي هڪ سال لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج طور مقرر ڪيو ويو آهي. صدر آصف علي زرداري ٻنهي ججن جي مقرري جي منظوري ڏني هئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
32%
2.1m/s
1%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °

تازه ترين خبرون