- Advertisement -
جسٽس نعيم اختر افغان سپريم ڪورٽ جي جج طور قسم کڻي ورتو آهي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ٿيل جسٽس نعيم اختر افغان کي قسم کڻايو.
قسم کڻڻ واري تقريب سپريم ڪورٽ ۾ ٿي.
قسم کڻڻ واري تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن، سينيئر وڪيلن ۽ عدالتي عملي جي شرڪت ڪئي.
جسٽس نعيم اختر افغان جي سپريم ڪورٽ جي جج جي حيثيت ۾ قسم کڻڻ بعد سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ وڌي 14 ٿي ويو.
جسٽس نعيم اختر افغان بلوچستان هائيڪورٽ جي چيف جسٽس طور فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي.- Advertisement -
