- Advertisement -
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوريءَ چيو آهي ته جسٽس يحيٰ آفريدي جي نامزدگي ملڪ لاءِ سٺو سنوڻ آهي، خصوصي پارلياماني ڪميٽي جي فيصلي جو احترام ڪرڻ گھرجي، سپريم ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس جي نامزدگي سان استحڪام وڌندو.
پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪامران ٽسوريءَ جو چوڻ هو ته عدليه جي نالي تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.
هن چيو ته آئيني ترميم جي نالي تي احتجاج جي ڳالهه ڪندڙن جي ڪا ٻي ايجنڊا آهي، عوام جي خدمت ڪري ملڪ کي معاشي طور مستحڪم ڪرڻ جو سوچڻ گھرجي.
واضح رهي ته جسٽس يحيٰ آفريدي کي خصوصي پارلياماني ڪميٽي 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت سان نئون چيف جسٽس آف پاڪستان نامزد ڪيو آهي.- Advertisement -
