- Advertisement -
سکر ۾ پوليس غير معياري ۽ اڻ رجسٽرڊ سگريٽن جي وڏي کيپ هٿ ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب اي سيڪشن پوليس ڳجهي اطلاع تي بندر روڊ وٽ ڪارروائي ڪري سگريٽن سان ڀريل مزدا کي تحويل ۾ وٺي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته مزدا مان 199 ڪارٽون غير معياري ۽ اڻ رجسٽرڊ سگريٽ هٿ ڪيا ويا، واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
گرفتار جوابدارن ۾ سيد اڪرام شاهه ۽ افتخار پٺاڻ شامل آهن جيڪي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ غير معياري سگريٽ جو ڪاروبار ڪري رهيا آهن، کانئن وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
