- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جنگ جي خاتمي لاءِ يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ۽ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن کي پاڻ گڏجي ويهڻو پوندو.
اوول آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته صدر پيوٽن۽ صدر زيلنسڪي کي پاڻ ويهي ڳالهائڻو پوندو ڇو ته هو لکين ماڻهن جو قتل عام بند ڪرڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته کيس اميد آهي ته يوڪرين جلد هڪ معاهدي تي صحيح ڪندو جنهن تحت امريڪا کي يوڪرين جي معدني ذخيرن تائين پهچ حاصل هوندي.
ان کان اڳ امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فاڪس نيوز کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته غزه پٽي جي حوالي سان منصوبو سازگار آهي پر عملدرآمد نه ڪندو.
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعوى ڪئي ته غزه پٽي تي قبضي جو منصوبو واقعي ڪارگر آهي، پر هو ان کي زبردستي مسلط نه ڪندا.
ٽرمپ اردن ۽ مصر طرفان ان جي تجويز جي مخالفت تي حيرت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هو اردن ۽ مصر کي ساليانو اربين ڊالر ڏين ٿا، ۽ کيس انهن جي رد عمل تي ڪجهه حيرت ٿي.
هن چيو ته غزه جي عوام چونڊ جو موقعو ڏنو وڃي ته غزه ۾ رهڻ چاهين ٿا يا ڪنهن سٺي جاءِ تي منتقل ٿيڻ چاهين ٿا ته هو غزه کان هليا وڃن.- Advertisement -
