تازه ترين

جهاز جي عملي کي هاڻي قانوني ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو : وائيٽ هائوس

- Advertisement -
وائيٽ هائوس وينزويلا جي ناڪابندي کان بچي نڪتل روسي سامونڊي جهاز تي قبضي کانپوءِ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته جهاز جي عملي کي هاڻي قانوني ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو. وائيٽ هائوس ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪيرولين ليوٽ آئل ٽينڪر کي قبضي ۾ وٺڻ جي سوال تي چيو ته امريڪا سمورين پابندين تي پوري طرح عمل ڪرائيندو ۽ جهاز جي عملي کي هاڻي قانوني ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو. پريس بريفنگ ۾ وائيٽ هائوس جي ترجمان جو چوڻ هو ته گرين لينڊ بابت سمورا آپشن ٽيبل تي آهن، پهريون آپشن هميشه سفارتڪاري هوندو آهي. هن چيو ته ٽرمپ انتظاميه وينزويلا جي عبوري اختيارين سان ويجهي رابطي ۾ آهي، وينزويلا جي عبوري حڪمرانن جا فيصلا آمريڪا جا ٻڌايل هوندا، آمريڪا معاهدي تي وينزويلا ۽ آمريڪي تيل صنعت سان معاهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي. وائيٽ هائوس جـِي ترجمان چيو ته تيل ڪمپني جا عملدار هلندڙ هفتي وائيٽ هائوس ايندا ۽ ضرورت پئي ته آئل ورڪرز جي تحفظ لاءِ صدر ٽرمپ امريڪي فوج استعمال ڪرڻ جو حق رکي ٿو، وينزويلا ۾ چونڊ جي وقت تي بحث ڪرڻ کي وقت کان اڳ قرار ڏنو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23.4 ° C
23.4 °
23.4 °
37 %
2.2kmh
41 %
اڱارو
23 °
اربع
30 °
خميس
29 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون