- Advertisement -
جهنڊي مري ويجهو مبينا طور گهرو پريشانيءَ سبب ناري ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ ڪيهرخان لنڊ ۾ مبينا طور 35 ورهين جي تانيا زال خادم لنڊ گهرو پريشاني کان تنگ ٿي ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو.
اطلاع تي پوليس پهچي ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي ٽنڊوالهيار اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آھي ته شروعاتي جاچ مان واقعو آپگهات لڳي رهيو آھي، وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد حقيقت سامهون ايندي.
ناري جو مڙھه گهر پهچڻ تي گهرڀاتين ۾ ۾ ڪهرام مچي ويو- Advertisement -
