جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سياست ۾ اچڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
پ پ شهيد ڀٽو جي باني شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو آهي ته هو سياست ۾ اچڻ جو ارادو رکي، گهڻو وقت ملڪ کان ٻاهر رهڻ سبب کيس پهريان سنڌ سميت ملڪ مان گهڻو ڪجهه سکڻو آهي. نئين ديري ۾ مقتول واپاري سنتوش ڪمار جي وارثن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ذوالفقار جونيئر چيو ته عوام جي تمام گهڻي موٽ ملي آهي، مستقبل ۾ نئين سر تنظيم سازي به ڪئي ويندي. هن چيو ته هو 6 ڪئنالن جي سخت خلاف آهي ۽ مسلسل احتجاج ڪري رهيو آهي، ڪئنالن خلاف سڄي سنڌ احتجاج ڪري رهي آهي، جيڪڏهن 6 ڪئنالن جي سنڌ حڪومت اجازت ڏني آهي ته سنڌ جي عوام اجازت ناهي ڏني، ڪئنال ٺهڻ نه ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن 6 ڪئنال ٺهيا ته سنڌ جا ماڻهو، پکي ۽ جهنگلي جيوت به اڃ مري ويندا، ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ٺهڻ نه ڏنا وڃن، ڪئنالن خلاف ريليون ڪڍي هڙتالون ڪيو، پر ڪئنال ٺهڻ نه ڏيو. ذوالفقار جونيئر جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، سج لٿي کانپوءِ هو روڊ تي نٿا نڪري سگهن، امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي پوليس ڪمزور ٿي چڪي آهي. هن وڌيڪ چيو ته عوام کي تحفظ جي ضرورت آهي عوام کي سڪيورٽي ڇو نه ٿي ڏني وڃي، هتي صرف حڪومتي سياستدانن کي سڪيورٽي ڏني پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته سنتوش ڪمار کي بيگناهه قتل ڪيو ويو، هو شهيد جي خاندان سان تعلق رکي ٿو ۽ شهيدن سان گڏ بيهندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.4 ° C
18.4 °
18.4 °
45%
2.2m/s
0%
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون