تازه ترين

جيستائين الزام نه لڳي تيستائين ان کي آرمي ايڪٽ جو ڏوهي قرار نٿو ڏئي سگهجي:جسٽس جمال مندوخيل

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا آهن ته جيستائين الزام نه لڳي تيستائين ان کي آرمي ايڪٽ جو ڏوهي قرار نٿو ڏئي سگهجي، چارج فريم هجڻ ضروري آهي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بئنچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل واري فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجه حارث آرمي ايڪٽ ۽ پوليس جي ايف آءِ آر ۾ چارج فريم بابت عدالت کي آگاهه ڪيو. جسٽس حسن اظهر پڇاڻو ڪيو ته آرمي ايڪٽ ۾ انڪوائري ڪير ڪندو آهي؟ وڪيل چيو ته چار کانپوءِ انڪوائري ڪمانڊٽ آفيسر ڪري ٿو، جاچ جو مڪمل طريقيڪار ٻڌائيندو. جسٽس مسرت هلالي پڇاڻو ڪيو ته فرد جرم لاڳو ڪرڻ بعد انڪوائري ڪيئن ڪئي ويندي آهي. خواجه حارث ٻڌايو ته الزام مڙهيو ويندو آهي چار جو لفظ ان لاءِ استعمال ٿيندو آهي، چارج جي بنياد تي جاچ ڪئي ويندي آهي. جسٽس  جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته جيستائين الزام نه لڳي تيستائين ان کي آرمي ايڪٽ جو ڏوهي قرار نٿو ڏئي سگهجي، چارج فريم هجڻ ضروري آهي. جسٽس مسرت هلال  پڇاڻو ڪيو ته ٽرائل دوران به چارج فريم ٿيندو آهي؟ خواجه حارث چيو ته چارج ڌار هوندو آهي ۽ ٽرائل دوران چارج فريم هوندو آهي. جسٽس مسرت سوال ڪيو ته ڇا فوجي عدالتن ۾ جج يونيفارم ۾ هوندا آهن؟ خواج  حارث چيو ته ڪورٽ مارشل ۾ جج فوجي يونيفارم ۾ ئي هوندا آهن. جسٽس مسرت هلال پڇاڻو ڪيو ته يونيفارم فوجي آفيسر طور  ڪيئن اڻڌريو جج ٿي سگهي ٿو؟ خواجه حارث چيو ته يونيفارم ته اوهان به پهريو آهي، جنهن تي عدالت ۾ ٽهڪڙا مچي ويا. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس  ڏنا ته اوهان چئو ٿا ته ڪاري ۽ خاڪي ورديءَ ۾ ڪو  به فرق ناهي؟ جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جاچ آفيسر ڪير مقرر ڪندو آهي؟ وڪيل چيو ته جاچ ڪيئن ٿيندي آهي ان بابت هو عدالت کي آگاهه ڪندو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اوهان جيڪو پڙهي رهيا آهيو اهو قانون آهي، قانون جيترو به سخت هجي ڇا اهو سويلينز تي لاڳو ٿيندو؟ خواجه حارث چيو ته سموريون شيون عدالت آڏو رکندس ته قانون ڪيئن لاڳو ٿيندو. جسٽس مسرت هلال چيو ته اڄڪلهه ته ججن تي سوال اٿي رهيا آهن، وڪيل چيو ته ڪورٽ مارشل جا فيصلا اڪثريتي هوندا آهن. عدالت فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي………………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
53 %
2kmh
8 %
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
35 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
26 °

تازه ترين خبرون