برطانوي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽامر چيو آهي ته جيستائين جنگ جاري رهندي يوڪرين کي فوجي امداد به جاري رکي ويندي، روس تي اقتصادي دٻاءُ ۾ اضافو ڪيو ويندو.
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ يوڪريني صدر زيلنسڪي وچ ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ يوڪرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ برطانيا ۾ يورپي اڳواڻن جو سربراهي اجلاس ٿيو.
برطانوي وزيراعظم اسٽارمر اجلاس دوران پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته يورپي ملڪن کي يوڪرين جي سلامتي لاءِ دفاعي ڪوششون وڌائڻيون پونديون، يوڪرين جي سلامتي ۾ پوري خطي جو استحڪام آهي.
اسٽارمر چيو ته اجلاس ۾ شريڪ سربراهن چار اهم نڪتن تي اتفاق ڪيو، مستقل امن يوڪرين جي سلامتي ۽ خودمختياري کي يقيني بڻائيندو، ڪنهن به امن ڳالهين جي ميز تي يوڪرين کي موجود هجڻ گھرجي، امن معاهدي جي صورت ۾ يورپي اڳواڻ مستقبل ۾ روس جي حملي کي روڪڻ هدف بڻائيندا.
برطانوي وزيراعظم چيو ته برطانيا جي حڪومت يوڪرين کي يوڪي ايڪسپورٽ فنانس جا هڪ ڏهائي 6 ارب پائونڊ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيندي، يوڪرين ان رقم سان 5 هزار کان وڌيڪ ايئر ڊفينس ميزائل خريد ڪري سگھندو.
اجلاس ۾ يوڪريني صدر زيلنسڪي، ڪينيڊا، فرانس، جرمني، اٽلي ۽ ٻين يورپي اڳواڻن سميت نيٽو جي سيڪريٽري جنرل، يورپي ڪميشن ۽ يورپي ڪائونسل جا صدر شريڪ هئا….
جيستائين جنگ جاري رهندي يوڪرين کي فوجي امداد به جاري رکي ويندي : برطانوي وزيراعظم
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12
°
C
12
°
12
°
24%
1.2m/s
0%
اربع
14
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°


