تازه ترين

جيلن ۾ موجود بيگناهه ماڻهن کي عام معافي ڏيارڻ سندس مشن آهي: شيخ رشيد

- Advertisement -
عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته  جيلن ۾ موجود بيگناهه ماڻهن کي عام معافي ڏيارڻ سندس مشن آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ شيخ رشيد لکيو ته هو پوري قوم جو ٿورائتو آهي جن جي دعائن سان کيس چِلي جي آزادي ملي، خبر ناهي هُن چِلو ڪٿي ڪاٽيو پر ان دوران کيس ڪا تڪليف نه پهچائي وئي. هن چيو ته اڄ هو پهريون ڀيرو اپيل ڪري رهيو آهي ته 9 مئي تي جن کان غلطي ٿي انهن کي عام معافي ڏني وڃي، هو سڀاڻي کان ان مشن جي شروعات ڪندو. شيخ رشيد چيو ته قوم جي دعائن جي ضرورت آهي، انشاالله ڪاميابي سندن مقدر بڻجندي ۽ الله کين مائرن، ڀينرن جي دعائن جي صدقي ان مشن ۾ ضرور ڪامياب ڪندو…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
13 %
6.7kmh
50 %
خميس
31 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
31 °
آچر
34 °
سُومر
36 °

تازه ترين خبرون