تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

چونڊون پي ٽي آءِ چيئرمين يا جيل ڀوڳيندڙ اڳواڻن کانسواءِ به ٿي سگهن ٿيون : نگران وزيراعظم

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عام چونڊون پي ٽي آءِ چيئرمين يا جيل ڀوڳيندڙ اڳواڻن کانسواءِ به ٿي سگهن ٿيون، تحريڪ انصاف ۾ شامل هزارين ماڻهو غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث نه آهن، کين چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت هوندي، ڪنهن قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ته قانون تي عمل يقيني بڻايو ويندو.

آمريڪي خابرو ايجنسي کي انٽرويو ڏيندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته جيل ڀوڳيندڙ تحريڪ انصاف اڳواڻ ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيڻ جي غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث آهن.

هن چيو ته پي ٽي آءِ ۾ شامل هزارين ماڻهو جيڪي غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث نه آهن کين اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت هوندي.

سندس چوڻ هو ته عمران خان سميت ڪنهن سياستدان سان ذاتي تڪرار نه هلي رهيو آهي، جيڪڏهن ڪو قانون جي ڀڃڪڙي تي گرفتار ٿيو آهي ته قانون جي بالادستي يقيني بڻائي ويندي، چونڊون فوج يا نگران حڪومت نه پر اليڪشن ڪميشن کي ڪرائڻي آهي.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته اميد آهي ته عام چونڊون نئين سال ۾ ٿينديون،  پي ٽي آءِ کي ڪاميابيءَ کان روڪڻ لاءِ چونڊن ۾ فوج طرفان ڌانڌلي جي ڳالهه اجائي آهي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين وزيراعظم طور اليڪشن ڪمشنر جي مقرري ڪئي، چيف اليڪشن ڪمشنر اڳوڻي وزيراعظم جي مخالفت ڪير ڪندو؟

سندس چوڻ هو ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿيندي ئي نگران حڪومت هر ممڪن سهڪار ڪندي، عدليه جي فيصلن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪئي ويندي، عدليه کي به ڪنهن سياسي مقصد لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي.

نگران وزيراعظم چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ 9 لک فوجي مقرر ڪيا آهن، ڪشميري ڀارت طرفان قائم دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ آباد آهن، ڪشميرين وٽ ڪو سياسي حق ناهي. هن چيو ته  دنيا جو ڌيان يوڪرين تي آهي پر هڪ تڪرار ڪشمير به آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.2 ° C
22.2 °
22.2 °
24 %
2.7kmh
0 %
اربع
22 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون