تازه ترين

جيڪب آباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا

- Advertisement -
جيڪب آباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا آهن. سٽي ٿاڻي جي حد اولڊ ڪاليج روڊ تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي. فائرنگ جي نتيجي ۾ ڳوٺ مهراڻ پهوڙ واسي منير احمد ۽ حيات پهوڙ قتل ٿي ويا جڏهن ته نصير پهوڙ زخمي ٿي پيو. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال پهچايو. زخمي نصير پهوڙ ٻڌايو ته هو چاچي ۽ سئوٽ سان گڏ حاضري تي آيل هئا، پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن حملو ڪيو آهي. زخمي نصير پهوڙ اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جنهن بعد مارجي ويلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مقتولن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ٽن ڄڻن جا لاش گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام ۽ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
20 %
3.6kmh
0 %
آچر
29 °
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
35 °

تازه ترين خبرون