جيڪڏهن سندن حڪومت ختم نه ڪئي وڃي ها ته ملڪ ۾ ڪير به بيروزگار نه هجي ها ۽ ملڪ ۾ خوشحالي هجي ها: نواز شريف

- Advertisement -
مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن سندن حڪومت ختم نه ڪئي وڃي ها ته ملڪ ۾ ڪير به بيروزگار نه هجي ها ۽ ملڪ ۾ خوشحالي هجي ها. قصور  جي علائقي کڏيان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته عام چونڊون 8 فيبروري تي آهن، اليڪشن ٿيڻ کان اڳ ئي جشن وارو ماحول آهي، پاڪستاني نوجوان مسلم ليگ ن سان گڏ آهن. هن چيو ته شهباز شهرين هن تڪ تي چونڊ وڙهي رهيو آهي، کيس اهو يقين آهي ته هن علائقي جي تقدير تبديل ٿيڻ واري آهي. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف 9 فيبروري کانپوءِ هتي ايندو ۽ اهو ٻڌائي ويندو ته کڏيان ۽ ڪوٽ راڌا ڪشن لاءِ ڪجهه کڻي آيو آهي. نواز شريف چيو ته جيڪڏهن سندن حڪومت ختم نه ڪئي وڃي ها ته ملڪ ۾ ڪير به بيروزگار نه هجي ها ۽ ملڪ ۾ خوشحالي هجي ها، هنن گهڻا ڌڪا کاڌا آهن، پر کين انهن ڌڪن ۽ ڏکيائن مان ٻاهر نڪري ترقي جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻو آهي. هن چيو ته شهباز شريف واعدو ڪري ته هو چونڊن ۾ ڪامياب ٿي کڏيان ۾ ترقي جو ڄار وڇائيندو، رستا ٺاهيندو ۽ قصور کي يونيورسٽي به ڏيندو، هتان جي نوجوانن جي هٿن ۾ بهترين ليپ ٽاپ ۽ ڪميپوٽرهجڻ گهرجن. نواز شريف چيو ته ٻن ڏينهن کانپوءِ جيڪو سج اڀرندو، انشاءَالله اهو پاڪستان لاءِ خوشحالي آڻيندو، سندن دور ۾ ملڪ اندر خوشحالي هئي، مخالف ڌرڻن ۾ مصروف هئا ۽ هو لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ، موٽروي ٺاهڻ، سستي گيس، بجلي ڏيڻ، دهشتگردي ختم ڪرڻ ۾ مصروف هئا. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي هارين کي سولر پينل ڏيڻا آهن جيئن ٽيوب ويل سولر پينل تي هلن ۽ نوجوانن کي ليپ ٽاپ ملن، انشاءَالله هو نوجوانن کي هنر سيکاريندا ۽ باعزت روزگار به ڏيندا. نواز شريف چيو تههڪ شخص 50 لک گهر ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر ٻڌايو ڪنهن کي هڪ گهر به مليو، اهي 50 لک گهر ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڪيڏانهن ويون، هڪ بلين ٽري جو منصوبو ڪٿي آهي، ملڪ کي اهڙي منصوبن سان اربين رپين جو نقصان پهتو. هن چيو ته عوام فراڊي ماڻهن کي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ نه ڏي، هو انشاءَالله ملڪ کي ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهاريندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
13.2 ° C
13.2 °
13.2 °
31%
1.4m/s
1%
اڱارو
13 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
22 °

تازه ترين خبرون