- Advertisement -
ن ليگ جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته ٽي ڀيرا حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ باوجود نواز شريف ڪنهن فوجي سربراهه کي مير جعفر قرار نه ڏنو آهي، 9 فيبوري جو سج 9 مئي جي سج کي لاهي ڇڏيندو.
کڏيان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ٽڪيٽ نواز شريف جي امانت آهي، ميان صاحب چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجي ملڪ کي مشڪلات مان ڇوٽڪارو ڏياريندو.
هن چيو ته هڪ پاسي نواز شريف جي خدمت آهي ۽ ٻي طرف نفرت ۽ دوکي وارا آهن، نواز شريف جي قيادت ۾ قصور ضلعي کي لاهور بڻايو ويندو.
سندس چوڻ هو ته برساتي ٻوڏ دوران مخالف ڌرڻا هڻندا رهيا ۽ سازشون ڪندا رهيا پر هنن پنهنجو ڪم ڪيو.
شهباز شريف چيو ته ماضي ۾ جڏهن به ملڪ تي ڏکيو وقت آيو ته نواز شريف اڳيان بيٺل رهيو، ميان صاحب جي ٽي ڀيرا حڪومت ختم ڪئي وئي پر هن ڪڏهن به ڪنهن فوجي سربراهه کي مير جعفر قرار نه ڏنو.
هن چيو ته سنڌ ۾ هڪ مهربان سياستدان چوي ٿو ته ن ليگ ڪراچي ۾ جلسو ناهي ڪيو، هو انهن کي چوي ٿو ته اوهان جي ڪارڪردگي ئي سندن لاءِ جلسي جو ڪم ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي موقعو مليو ته هو پوري ملڪ ۾ نوجوانن کي ليپ ٽاپ ڏيندا.- Advertisement -
