جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان تحريڪ انصاف کي احتجاج ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

- Advertisement -
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان تحريڪ انصاف کي احتجاج ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته آئيني ترميم بابت جيڪي شيون رد ڪيون اهي واپس اچي چڪيون آهن، هو مسودي بابت اتفاق راءِ جي ويجهو پهچي چڪا آهن، حڪومتي آئيني مسودي سان عوامي حق ۽ عدليه تباهه ٿي وڃي ها، ملڪي حالتن ۽ ضرورتن تحت قانونسازي ٿيڻ گهرجي، آئيني ترميمن بابت هو نواز شريف، بلاول ڀٽو زرداري ۽ پي ٽي آءِ قيادت سان ملاقاتون ڪندو، تحريڪ انصاف کي شنگهائي ڪانفرنس دوران اعلانيل احتجاج ملتوي ڪرڻ گهرجي. ٽنڊي الهيار ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪي حالتن ۽ ضرورتن تحت قانونسازي ٿيڻ گهرجي، پارليامينٽ جو ڪم ئي آئين ۽ قانون ۾ ترميم ڪرڻ آهي. سندس چوڻ هو ته آئيني ترميم بابت جيڪي شيون رد ڪيون اهي واپس اچي چڪيون آهن، هو مسودي بابت اتفاق راءِ جي ويجهو پهچي چڪا آهن. جي يو آءِ سربراهه چيو ته حڪومتي آئيني مسودي سان عوامي حق ۽ عدليه تباهه ٿي وڃي ها، آئيني ترميمن بابت هو نواز شريف، بلاول ڀٽو زرداري ۽ پي ٽي آءِ قيادت سان ملاقاتون ڪندو. مولانا فضل الرحمان چيو ته تحريڪ انصاف کي شنگهائي ڪانفرنس دوران اعلانيل احتجاج ملتوي ڪرڻ گهرجي، پهريان به احتجاج جا نتيجا سٺا نه آيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
46%
2.1m/s
68%
خميس
26 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون