تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

جي ڊبليو سي پاران نينگري فاطمه ڦرڙو جو چاليهو 24 سيپٽمبر تي خانواهڻ ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

بي آوازن جو آواز ۽ لاوارثن جي وارث تنظيم جي ڊبليو سي راڻيپور جي پيراڻي حويليءَ ۾ زيادتيءَ بعد قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو جو چاليهو 24 سيپٽمبر تي خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ علي محمد ڦرڙو ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

جي ڊبليو سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جو اجلاس ڪراچيءَ ۾ ٿيو.

اجلاس ۾ نينگري فاطمه ڦرڙو جي ڪيس ۾ ٿيل اڳڀرائي، ٻارن ۽ هندو برادريءَ جي ماڻهن جي اغوا واري معاملي سميت سنڌ جي مجموعي معاشرتي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته جي ڊبليو سي بي آوازن جو آواز ۽ لاوارثن جي وارث بڻجي هر مظلوم سان گڏ بيٺي آهي، نينگري فاطمه ڦرڙو جي زيادتيءَ بعد قتل کانپوءِ سڀ کان پهرين جي ڊبليو سي ئي اِن معاملي تي آواز اٿاري سمورن ملوث ڪردارن کي وائکو ڪيو.

جي ڊبليو سي فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي، سنڌ جي ٻيو نمبر وڏي شهر حيدرآباد، خيرپور، خانواهڻ ۽ قاضي احمد ۾ وڏا احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا، جن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ جاڳرتا جي نئين دور ۾ داخل ٿي وئي آهي ۽ سنڌ جي عوام جي ڊبليو سي جي جاڳرتا واري جدوجهد کي ڀرپور موٽ ڏني آهي.

اجلاس ۾ فاطمه ڦرڙو سان خون سان انصاف لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جو فيصلو ڪندي طئه ڪيو ويو ته 24 سيپٽمبر آچر ڏينهن شهيد نياڻيءَ جو چاليهو جي ڊبليو سي پاران خانواهڻ ڀرسان سندس ڳوٺ علي محمد ڦرڙو ۾ ڪيو ويندو.

اِن سلسلي ۾ چاليهي جي موقعي تي هڪ وڏو ميڙ پڻ ڪيو ويندو، جنهن لاءِ سنڌ جي ساڃاهه وندن، ليکڪن، شاعرن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن سميت سول سوسائٽيءَ جي تنظيمن توڙي عورتن ۽ ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن  کي دعوت ڏني ويندي.

جي ڊبليو سي طرفان سمورين ڌرين کي اپيل ڪئي وئي ته اُهي 24 سيپٽمبر تي خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ علي محمد ڦرڙو ۾ فاطمه ڦرڙو جي چاليهي تي رٿيل تقريبن ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪري شهيد نياڻيءَ جي وارثن کي لاوارث ٿيڻ کان بچايو وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
41 %
2kmh
6 %
ڇنڇر
22 °
آچر
31 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون