تازه ترين

جي ڊي اي ۽ سندس اتحادي پارٽي جي اڳواڻن سنڌو درياهه مٿان ٺهندڙ ڪئنالن ۽ ارسا جي قانون ۾ امڪاني ترميم کي غيرقانوني ڏيندي 20 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان

- Advertisement -
جي ڊي اي ۽ سندس اتحادي پارٽي جي اڳواڻن سنڌو درياهه مٿان ٺهندڙ ڪئنالن ۽ ارسا جي قانون ۾ امڪاني ترميم کي غيرقانوني ڏيندي 20 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي. جي ڊي اي ۽ سندس اتحادي پارٽين جو اجلاس سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ميزباني هيٺ جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو تي سيد زين شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ ايس يو پي صدر سيد زين شاھ، جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي، فنڪشنل ليگ اڳواڻ سردار عبدالرحيم، اين پي پي اڳواڻ مسرور جتوئي، جسم اڳواڻ رياض چانڊيو، اي جي پي صدر مير خادم ٽالپر، پي ٽي آءِ اڳواڻ پير مرتضي’ شاھ جيلاني، جماعت اسلامي اڳواڻ عبدالوحيد، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ مظھر راهوجو، جي يو آءِ اڳواڻ تاج محمد ناهيون، ايس يو پي اڳواڻ روشن علي ٻرڙو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ارسا قانون ۾ امڪاني ترميم، سنڌو درياھ مان ڇھن نون ڪئنالن جي تعمير، ٿرڪول، ڪارونجهر جي ليز، سنڌ جون زمينن، سامونڊي پٽي، پاڻي، ٻيٽن ۽ وسيلن جي وڪري خلاف ايندڙ ايندڙ حڪمت عملي جوڙڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌو درياھ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف 19 سيپٽمبر تي سموري سنڌ ۾ ڪڍيل احتجاجي ريلين ۽ مظاهرن جو جائزو پڻ ورتو ويو. اجلاس دوران جيئي سنڌ محاذ 20 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ عام هڙتال جو اعلان ڪيو، جڏهن ته سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جي اڳواڻن پاران هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جي زمينن کي بنجر ۽ تباھ ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، سسٽم ۾ پاڻي موجود ئي ناهي ته ڪئنال ڇو پيا ٺاهيا وڃن. هنن چيو ته پيپلز پارٽي جي سياست منافق تي ٻڌل آهي، سنڌ جي پاڻي تي ڪنھن کي به ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندا، زرداري ۽ سندس مافيا سنڌ کي هڪ سئو سال پوئتي ڪري ڇڏيو آهي. سندن چوڻ هو ته عمر ڪوٽ واقعي جي صاف شفاف جاچ ڪرائي وڃي، اليڪشن ڪميشن ئي سپريم ڪورٽ جي فيصلن کي نٿي مڃي ته ارسا ايڪٽ ۽ ڪئنالن واري معاملي تي عدالتي رستو ڪئين اختيار ڪيو، صدر زرداري وٽ اختيار ئي ناهن جو هو ڪئنال ٺاهڻ جي ڳالھه ڪري، صدارتي محل ۾ سنڌ جي تباهي جا فيصلا ٿي رهيا آهن، جيڪو عمل برداشت نه ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
55 %
1.7kmh
18 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون