- Advertisement -
حب ڀرسان تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ بعد ٻنهي گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.
گڏاڻي موڙ ڀرسان تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن کانپوءِ ٻنهي گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي.
حادثي جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 2 ڄڻا ۽ هڪ ڄڻو سڙي فوت ٿي ويا جن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگھي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪار ۽ موٽر سائيڪل تي ايراني پيٽرول ۽ ڊيزل لوڊ ٿيل هو جنهن سبب گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي، فوتين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.- Advertisement -
