- Advertisement -
حب ۾ نوراني ڪراس موسلي چڙهائي ڀرسان پانڌيئڙن جي بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته بس ۾ سوار شاهه نوراني جا پانڌيئڙا مزار کان واپس اچي رهيا هئا ته بريڪ فيل ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو.
ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته بس ۾ سوار پانڌيئڙن جو تعلق ڪراچي سان آهي، زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.
حادثي کانپوءِ زخمي کي گورنمينٽ جام غلام قادر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کين طبي امداد ڏني وئي.- Advertisement -
