تازه ترين

لاڙڪاڻي ۾ لب مهراڻ واسي چوري ڪيس ۾ گرفتار نوجوان جو لاڪپ مان لاش هٿ

- Advertisement -
لاڙڪاڻي ۾ لب مهراڻ واسي چوري ڪيس ۾ گرفتار نوجوان جو لاڪپ مان لاش هٿ آيو،  وارثن طرفان پوليس تي نوجوان کي تشدد ڪري مارڻ جو الزام هنيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي، صوبائي گهرو وزير معاملي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان تفصيل طلب ڪري ورتا. لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد لب مهراڻ واسي گرفتار نوجوان ساحد سولنگي جو لاڪپ مان لاش هٿ آيو آهي. نوجوان جي والد سعيد سولنگي الزام هڻندي چيو آهي ته پوليس سندس پٽ کي بيگناهه گرفتار ڪرڻ بعد تشدد ڪري قتل ڪيو آهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان چوري ڪيس ۾ گرفتار هو، لاڪپ ۾ اڳٺ ڳچيءَ ۾ ٻڌي آپگهات ڪيو آهي. صوبائي گهرو وزير ضياءُ لنجار معاملي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان واقعي جا تفصيل طلب ڪري ورتا. گهرو وزير ضياءُ لنجار ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي حڪم ڏيندي چيو آهي ته جامع جاچ ڪري حقيقتن جو پتو لڳايو وڃي، انڪوائري رپورٽ تي لاڳاپيل تفصيل ۽ پوليس ڪارروائي کان آگاهه ڪيو وڃي. هن چيو ته ٿاڻي جي لاڪپ ۾ نوجوان جو لاش ملڻ واري معاملي کي جلد کان جلد حل ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.7 ° C
32.7 °
32.7 °
25 %
4.8kmh
4 %
خميس
33 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
29 °
آچر
32 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون