- Advertisement -
حزب الله پاران اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي لبناني سرحد ويجهو نشانو بڻائڻ جي هڪ ٻي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي وزيراعظم لبناني سرحد ويجهو اسرائيلي قبضي ميٽولا جي دوري تي روانو ٿي چڪو هو.
اسرائيلي ميڊيا موجب، نيتن ياهو جي مقرر ڪيل هنڌ تائين پهچڻ کان اڳ ميٽولا ۾ هڪ ڊرون ڦاٽي پيو.
اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي وزيراعظم جي دوري لاءِ مقرر وقت کان 20 منٽ اڳ ڊرون ڌماڪي سان ڦاٽي پيو.
اسرائيلي ميڊيا موجب، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو اسرائيلي قبضي ميٽولا جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو.- Advertisement -
