- Advertisement -
حماس طرفان اسرائيلي يرغمالين بابت معاهدي کي رد ڪرڻ واري معاملي تي امريڪا قطر مان حماس وفد کي ملڪ بدر ڪرڻ جو م مطالبو ڪري ڇڏيو.
امريڪي ميڊيا دعوى ڪئي آهي ته امريڪا جي چوڻ تي قطر حماس جي وفد کي دوحه ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
برطانوي ميڊيا موجب، امريڪا طرفان قطر کي واضع پيغام ڏنو ويو آهي آهي ته دوحه ۾ حماس جي قيادت جي موجودگي کي وڌيڪ قبول نه ڪيو ويندو.
واضع رهي ته آڪٽوبر جي وچ ۾ دوحه ۾ ٿيندڙ ڳالهين جو تازو دور به ناڪام ٿي ويو هو، ڇاڪاڻ ته حماس مختصر مدي جي جنگ بندي جي تجويز کي رد ڪيو هو.- Advertisement -
