تازه ترين

حيدرآباد:پوليس جو رات دير سان ٽنڊو آدم ۾ گٽڪي ۽ مين پڙي جي ڪارخاني تي ڇاپو

- Advertisement -
آءِ جي سنڌ طرفان منشيات خلاف جوڙيل ٽاسڪ فورس رات دير سان ٽنڊوآدم بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ گٽڪي ۽ مين پڙي جي ڪارخاني تي ڇاپو هڻي لکين رپين جو را مٽريل ۽ هزارن جي تعداد ۾ تيار ٿيل گٽڪو هٿ ڪري ورتو. ٽاس فورس ميمبر حيدرآباد جي ڊي ايس پي ڪينٽ افتخار ٻرڙو جي سربراهي ۾ گوري ٽائون واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي. ڊي ايس پي ڪينٽ جو چوڻ هو ته ڪارروائي دوران لکين رپين جي ماليت جو را مٽيريل ۽ هزارن جي تعداد ۾ تيار گٽڪو ۽ مين پڙي به هٿ ڪئي وئي آهي. ڊي ايس پي موجب ڳجهي اطلاع تي علي شير خاصخيلي نالي منشيات فروش جي ڪارخاني تي ڇاپو هنيو ويو، ڪارخاني تان سڄي سانگهڙ ضلعي کي منشيات سپلاءِ ڪئي ويندي هئي. ڊي ايس پي ڪينٽ جو چوڻ هو ته حد جي ٿاڻي جي ايس ايڇ او خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي، معاملي جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ پڻ ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
11 %
3kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون