تازه ترين

نوشهروفيروز:پوليس پاران مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ مهيني اندر 4 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

- Advertisement -
نوشهروفيروز پوليس طرفان هڪ رات ۾ چئن ٿاڻن جي حد ۾ مبينا پوليس مقابلن دوران 4 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. نوشهروفيروز ضلعي اندر چئن ٿاڻن جي حدن ۾ ڌار ڌار پوليس مقابلن دوران 4 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. درس ٿاڻي جي حد مناهي لنڪ روڊ تي مبينا پوليس مقابلي ۾ ذاڪر شر عرف ڪاڪن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ڀرياسٽي ٿاڻي جي پوليس منگو لنڪ روڊ تي مبينا مقابلي ۾ قلندر لاشاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو. نوشهروفيروز ٿاڻي جي حد ۾ ڦل موري لنڪ روڊ تي مبينا پوليس مقابلي ۾ علي گوهر لاشاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. ڪنڊيارو ٿاڻي جي حد شھمير ديرو لنڪ روڊ تي پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ مبينا مقابلي بعد شير محمد ابڙو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو . پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس مقابلن دوران 13 ڏوهاري فرار ٿي ويا. پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان هٿيار ۽ موٽرسائڪلون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن. ايس ايس پي نوشهروفيروز ترجمان موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل سمورن ڏوهارين خلاف مختلف ٿاڻن تي ڪيس  داخل ڪيا ويا آھن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
10 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
33.2 ° C
33.2 °
33.2 °
4 %
7.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون