تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

حيدرآباد: جي ڊبليو سي پاران فاطما جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

حيدرآباد ۾ صحافين، ليکڪن ۽ سول سوسائٽيءَ جي تنظيم جي ڊبليو سي طرفان راڻيپور جي پيرن جي حويليءَ ۾ زيادتي کانپوءِ بيدردي سان قتل ٿيل نينگري فاطما ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

جرنلسٽس رائيٽرس، سول سوسائٽي فار ٽرٿ، پيس اينڊ جسٽس طرفان معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ حيدرآباد ۾ اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

احتجاج ۾ سول سوسائٽي جي اڳواڻن، صحافين، ليکڪن، شاعرن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، سياسي، سماجي اڳواڻن، قومپرست ڌرين، عورتن ۽ ٻارن سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.

احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا، جن تي فاطمه جي خون سان انصاف ڪريو ۽ فاطمه جي قاتلن کي گرفتار ڪريو سميت ٻيا نعرا لکيل هئا.

جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر ذوالفقار خاصخيليءَ ۽ شوڪت نوناريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ٿيل احتجاج ۾ جسقم جي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ حيدرآباد جي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.

احتجاج کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته نينگري فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف ۾ دير تي خدشا پيدا ٿي رهيا آهن.

هنن چيو ته گرفتار پير اسد علي شاهه جي گهر واري حنا شاهه ۽ فياض شاهه به اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.

سندن چوڻ هو ته انصاف لاءِ آواز اٿاريندڙن کي ڌمڪيون ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته فاطما ڦرڙو ڪيس جي جاچ جلد مڪمل ڪري خون سان انصاف ڪيو وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
28.6 ° C
28.6 °
28.6 °
18 %
5.6kmh
97 %
جمعو
28 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
32 °
اڱارو
30 °

تازه ترين خبرون