تازه ترين

حيدرآباد: ڪارونجهر جبل جون ليزونرد ۽  قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ڪارونجهر جبل جون سموريون ليزون 12 ڪلاڪن ۾ رد ڪري قبضا ختم ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو  حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ ننگر پارڪر جي ثقافتي ماڳ ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ۽ ليزن بابت ٻڌڻي ٿي.

درخواست ڏيندڙ ۽ سندس وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.

درخواست گذار جي وڪيل عشرت لوهار چيو ته ڪارونجهر جبل تاريخي ۽ مذهبي عبادت گاهه جو مرڪز آهي، تاريخي ماڳ جي ليز ۽ ڪٽائي ڪرڻ خلاف ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي.

عدالت سنڌحڪومت جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان لکت ۾ ڪارونجهر جبل جي ليز ڪينسل ڪئي آهي، جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته صرف پبلڪ نوٽيس ڪڍيو ويو آهي.

عدالت ڪارونجهر جبل جون سموريون ليزون 12 ڪلاڪن ۾ رد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪارونجهر جبل جي ننڍڙي پٿر کان 2 ڪلوميٽر پري تائين ڪوبه جبل ڪٽيندڙ ماڻهو يا ڪمپني نظر نه اچي.

عدالت ڪارونجهر جبل تان قبضا ختم ڪرائي سڀاڻي تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو..

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
47 %
2.1kmh
85 %
جمعو
22 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون