- Advertisement -
ڪراچيءَ جي بهادر آباد واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سڪيورٽي اداري جو ملازم مارجي ويو.
پوليس جوچوڻ آهي ته بهادر آباد ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو.
مقتول جي سڃاڻپ عدنان عباسي نالي طور ٿي، ۽ هو بهادر آباد ۾ساهرن وٽ آيل هو، مقتول سڪيورٽي اداري جو ملازم ٻڌايو پيو وڃي.
پوليس واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيجز هٿ ڪري ورتا آهن جنهن ۾ ڌسي سگھجي قتل ۾ ملوث موٽر سائڪل سوار 2 جوابدار پاسي ۾ بيٺل آهن جڏهن ته ٻيو هيلميٽ پهريل جوابدار مقتول جو 20 منٽن تائين انتظار ڪندو رهيو.
مقتول جيئن ئي گهر کان واپس وڃڻ لاءِ نڪتو ته هيلمٽ پهريل جوابدار کيس گوليون هڻي فرار ٿي ويو.
پوليس واقعي واري هنڌ تان سي سي ٽي وي کان علاوه گولين جا خول ۽ ٻيو شاهديون هٿ ڪري ورتيون آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول کي جوابدارن ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو آحي يا معاملو ڪجهه ٻيو آهي جاچ ڪئي پئي وڃي……- Advertisement -
