- Advertisement -
حيدرآباد ۾ گيس سلينڊر ڌماڪي ۾ زخمين ٿيلن مان 4 نينگرن ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
سول اسپتال ڪراچي جي انتظاميا موجب، فوت ٿيل نينگرن ۾ 10 ورهين جو آيان، 6 ورهين جو حسنين، 15 ورهين جو بلال ۽ 10 ورهين جو رحيم شامل آهن.
اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته
اسپتال انتظاميا19زخمين کي سول اسپتال ڪراچي جي برنس وارڊ آندو ويو هو جڏهن ته ٻين زخمين جو حيدرآباد ۾ علاج هلندڙ آهي.
واضع رهي ته گذريل ڏينهن علائقي پريٽ آباد ۾ گيس سلينڊر ڌماڪي جي نتيجيءَ ۾ 60 کان مٿي ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا.
ڌماڪي جي اطلاع بعد امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪري زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو.- Advertisement -
