تازه ترين

حڪومتي آئيني مسودن ۾ تضاد آهن، آئيني عدالت قائم ڪرڻ ۾ بدنيتي نظر اچي رهي آهي:مولانا فضل الرحمان

- Advertisement -
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومتي آئيني مسودن ۾ تضاد آهن، آئيني عدالت قائم ڪرڻ ۾ بدنيتي نظر اچي رهي آهي،  آئين يا ڪنهن اداري کي تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، فوج ۽ عدليه جي عزت هئڻ گهرجي، پ پ ۽ جي يو آءِ پنهنجي پنهنجي مسودن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي،  حڪومت يا تحريڪ انصاف سان سندن باقاعده ڪو اتحاد ناهي،  حڪومت کي غلط قانونسازي کان روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته هنن فيصلو ڪيو آهي ته شخصيتن بدران ادارن  ۾ سڌارا آندا ويندا. هن چيو ته حڪومتي آئيني مسودن ۾ تضاد آهن، آئيني عدالت قائم ڪرڻ ۾ بدنيتي نظر اچي رهي آهي،  آئين يا ڪنهن اداري کي تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. مولانا فضل الرحمان چيو ته پ پ ۽ جي يو آءِ پنهنجي پنهنجي مسودن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جلد ان کي قطعي شڪل ڏني ويندي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته  حڪومت طرفان  مسودي جي هڪ هڪ ڪاپي کين ۽ پ پ کي ڏني وئي، جنهن کي پڙهڻ بعد خبر پئي ته مسودي ۾ فرق آهي، جڏهن  مسودن ۾ مونجهارا هوندا ته قانونسازي ڪيئن ٿيندي؟ مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت پارليامينٽ مان غلط قانون پاس ڪرائڻ چاهي ٿي حڪومت کي غلط قانونسازي کان روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته حڪومت يا تحريڪ انصاف سان سندن باقاعده ڪو اتحاد ناهي، هو مخالف ڌر جي بئنچن تي ويٺل آهن ۽ اصولي سياست ڪندا. مولانا فضل الرحمان چيو ته ادارا پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪن، فوج ۽ عدليه جي عزت هئڻ گهرجي، هو آئين  ۽ عدليا کي تباهه  ڪرڻ نه ڏيندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.4 ° C
31.4 °
31.4 °
32 %
4.7kmh
0 %
اربع
30 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون