حڪومت آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ گيس مهانگي ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

- Advertisement -
حڪومت آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ گيس مهانگي ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن کي گيس سيڪٽر جو گردشي قرض گهٽائڻ لاءِ ٽي پلان ڏنا ويا آهن، آءِ ايم ايف کي فرٽيلائزر پلانٽن لاءِ به گيس اگهن ۾ اضافي جي تجويز ڏني وئي آهي. گيس سيڪٽر جو گردشي قرض گهٽائڻ لاءِ ڊيويڊنڊ   اسڪيم تي به ڳالهيون ڪيون ويون، وصوليون، سڌارا ۽ ٽيرف بابت ڊيٽا آءِ ايم ايف کي وقت سر شيئر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف مشن سان گيس سيڪٽر لاءِ ٽيرف، گردشي قرض ۽ سڌارن تي ڳالهيون ٿينديون. آءِ ايم ايف سان شيئر پلان ۾ آگسٽ کان گيس جي اگهن ۾ اضافي جي تجويز آهي، پروٽيڪٽيڊ ۽ نان پروٽيڪٽيڊ واهيپدارن لاءِ بل هڪ سئو کان 400 رپين تائين وڌائڻ جي تجويز آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان شيئر پلان موجب تندورن لاءِ گيس جي اگهن ۾ اضافو نه ڪرڻ جي تجويز آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
26%
4.1m/s
6%
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
36 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون