- Advertisement -
وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته حڪومت آرٽيڪل 17 تحت ڪنهن به پارٽي تي پابندي هڻي سگهي ٿي، تحريڪ انصاف تي پابندي جو اڃا فيصلو ڪيو آهي، آئيني طريقي سان عمل ڪيو ويندو، ڪابينا پابندي بابت ڊڪليئريشن جي منظوري ڏئي ته 15 ڏينهن اندر سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، عدالت متفق ٿي ته پارٽي تي پابندي لڳي ويندي.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته تحريڪ انصاف تي پابندي جي حوالي سان حڪومت اڃا ارادو ڪيو آهي ۽ پابندي بابت آئين تي عمل ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته حڪومت آرٽيڪل 17 تحت ڪنهن به پارٽي تي پابندي لاءِ ڊڪليريشن ڏئي سگهي ٿي، جڏهن ڪابينا منظوري ڏيندي ته ڊڪليريشن کي 15 ڏينهن ۾ سپريم ڪورٽ کي پيش ڪيو ويندو آهي.
وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن عدالت ڊڪليريشن سان متفق ٿي وڃي ٿي ته تحريڪ انصاف تي پابندي لاڳو ٿي ويندي.
هن چيو ته حڪومت اڃا پنهنجي ارادي کي ظاهر ڪيو آهي، آئين ۾ ڏنل طريقيڪار موجب عمل ڪيو ويندو، مخصوص سيٽن تي عدالت ۾ پنهنجو موقف پيش ڪندا، جيڪڏهن ته مخصوص سيٽون کين ملي سگهن ٿيون ته آئيني طور تي ڪوشش ڪندا.
وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءَ الله چيو ته ايڊهاڪ جج رکڻ جو باقاعده آئين ۾ ذڪر آهي، جيڪڏهن اهو صحيح ناهي ته آئين ۾ ڇو آهي؟، ڪنهن جي پسند يا ناپسند تي آئيني شين کي روڪي نٿو سگهجي، معاشي بدحالي 2018ع بعد آئي آهي، پي ٽي آءِ باني کي آڻي ملڪ تي ويهاريو ويو ۽ هلندڙ ملڪ کي هن صورتحال تي پهچايو ويو.- Advertisement -
