- Advertisement -
تحريڪ انصاف ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبر ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته سندن حڪومت سان ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته احتجاج اوو کان اڳتي ويندو.
پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته سندن لکت ۾ مطالبا تيار آهن، پهريون مطالبو سياسي قيدين جي آزادي آهي.
سندس چوڻ هو ته نه کين ڍر گهرجي نه رعايت گهرجي، سياسي قيدين جي آزادي، 9 مئي ۽ 26 نومبر بابت عدالتي ڪميشن سندن مطالبا آهن.
تحريڪ انصاف ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبر عمر ايوب چيو ته تحريڪ انصاف باني ۽ شاهه محمود قريشي جي آزادي به سندن مطالبو آهي.
هن چيو ته سندن سمورن ميمبرن کي آئين ۽ قانون موجب آزاد ڪيو وڃي، ايگزيڪٽو آرڊر سان هي معاملا حل نٿا ٿي سگهن.
قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو ته امائر صحيح هئڻ گهرجي، حڪومت ڪميشن ٺاهي سڀ ڪجهه پڌرو ٿي ويندو، حڪومت سان ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته احتجاج اوو کان اڳتي ويندو.- Advertisement -
