حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڳالهين دوران اڳڀرائي جي اميد آهي:اياز صادق

- Advertisement -
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڳالهين دوران اڳڀرائي جي اميد آهي، حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڳالهين واري ڪميٽين جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ٽئين گڏجاڻي هاڪاري انداز ۾ ٿي آهي. هن چيو ته ڳالهين دوران بهتر انداز سان رستو ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر مطالبو ڪيو آهي ته وڌيڪ هڪ ملاقات پي ٽي آءِ باني سان ڪرائي وڃي، جيڪو مطالبو حڪومت قبول ڪري ورتو آهي. اياز صادق چيو ته  مخالف ڌر کان مطالبو ڪيو هو ته معيثاق معيشيت ۽ دهشتگردي خلاف متحد ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته دهشتگردي ۽ معيشيت سموري ملڪ جو مسئلو آهي جنهن تي ڪميٽيون ٺهڻ گهرجن. اجلاس جي شروعات ۾ ڳالهائيندي اياز صادق چيو ته رابطو ڪرڻ تي ڪميٽين جو ٽيون اجلاس گهرايو، حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڳالهين واري ڪميٽين جو هي ٽيون اجلاس آهي. سندس چوڻ هو ته ڳالهين بابت ڪجهه غلط فهميون پيدا ٿيون، ڪنهن کي سندس چيئرمين شپ تي اعتراض آهي ته ٻڌائي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته اميد آهي ته ڳالهين تي سڄي ملڪ جي نظر آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.2 ° C
21.2 °
21.2 °
33%
3.8m/s
0%
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
33 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون