حڪومت طرفان آئيني ترميمن جو پيڪيج پارليامينٽ ۾ سڀاڻي پيش ڪرڻ جو امڪان آهي

- Advertisement -
حڪومت طرفان آئيني ترميمن جو پيڪيج پارليامينٽ ۾ سڀاڻي پيش ڪرڻ امڪان آهي، جڏهن ته سينيٽ ۾ حڪومت کي ترميمون منظور ڪرائڻ ۾ ڏکيائيون آڏو آهن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ آئيني ترميمن جو تجويز ڪيل پيڪيج اڄ بدران   آچر ڏينهن پيش ڪيو ويندو. ذريعن موجب ن ليگ ميمبر حمزا شهباز فرانس ۽ جي يو آءِ ميمبر مولانا عبدالغفور حيدري چين کان واپس اچي ويندا. اعليٰ حڪومتي ذريعن دعويٰ ڪئي ته آئيني ترميمون سڀاڻي پارليامينٽ ۾ پيش  ڪيون وينديون. ذريعن موجب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس سڀاڻي گهرائڻ جو امڪاني آهي. حڪومت کي آئيني ترميمن جي منظوريءَ لاءِ سينيٽ ۾ به ڏکيائيون آهن. حڪومتي ذريعن موجب سيينٽ ۾ آئيني ترميم لاءِ حڪومت کي 64 ميمبرن جي حمايت گهربل آهي، جنهن لاءِ جي يو آءِ جا 6 ووٽ ملڻ جي صورت ۾ اهو انگ پورو ٿيندو. ذريعن موجب جي يو آءِ حمايت ڪري ته به هڪ ووٽ کــُـٽندو، ڇاڪاڻ ته سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني آئيني ترميم ۾ ووٽ نٿو وجهي   سگهي ۽ چيئرمين جي موجودگيءَ ۾ ڪو ٻيو چيئرمين جي ڪرسيءَ تي نه ويهي سگهندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
10 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
26.9 ° C
26.9 °
26.9 °
19%
3.5m/s
0%
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون