حڪومت طرفان بجلي کانپوءِ عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ جون به تياريون

- Advertisement -
حڪومت بجلي کانپوءِ عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ جو به پلان تيار ڪري ورتو. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت پهرين مارچ کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. ذريعن موجب، پيٽرول ساڍا چار رپيا ۽ ڊيزل 2 رپيا 50 پيسا في لٽر اضافي جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گاسليٽ 2 رپيا 92 پيسا في لٽر مهانگو ٿي سگهي ٿو جڏهن ته لائٽ ڊيزل جي قيمتن کي برقرار رکڻ جي تجويز ڏني ويندي. ذريعن موجب، برنٽ آئل مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمت 82 ڊالر 52 سينٽ في بيرل آهي،  اوگرا پيٽروليم شين جي سمري 29 فيبروري تي پيٽروليم واري وزارت کي اماڻيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي وارو وزير، وزيراعظم سان صلاح مشوري بعد نئين قيمتن جو اعلان ڪندو، پيٽروليم شين جون قيمتون پهرين کان 15 مارچ تائين لاڳو ٿينديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
19%
2.7m/s
0%
سُومر
21 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
23 °
جمعو
23 °

تازه ترين خبرون