- Advertisement -
حڪومت طرفان قومي هيرو ارشد نديم کي هلال امتياز، 15 ڪروڙ انعام ڏيڻ، سندس نالي تي هڪ روڊ ۽ اڪيڊمي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪميٽي پڻ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
وزيراعظم شهباز شريف طرفان پيرس اولمپڪس ۾ پاڪستان لاءِ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ ارشد نديم جي مان ۾ وزيراعظم هائوس ۾ آجياڻو ڏنو ويو.
وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شهباز شريف ارشد نديم، سندس امڙ ۽ گهرڀاتين جي آجيان ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ارشد نديم پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي کان پهريان هڪ شاندار تحفو ڏنو، جنهن جشن آزادي جون خوشيون ٻيڻيون ڪري ڇڏيون آهن.
هن چيو ته ارشد نيم پاڪستان جو هيرو آهي، راندين جي ميدانن ۾ ملڪ جو وڃايل مقام واپس آڻڻو آهي، سڀ گڏجي پاڪستان کي عالمي طاقت بڻائيندا.
وزيراعظم شهباز شريف قومي هيرو ارشد نديم کي هلال امتياز ايوارڊ ۽ 15 ڪروڙ انعام ڏنو ويندو.
هن چيو ته اسلام آباد ۾ ايف نائن ۽ ايف ٽين سيڪٽر جي روڊ کي ارشد نديم جي نالي سان ڪوٺيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته صوبائي حڪومتن سان گڏجي راندين لاءِ ڪم ڪندا.
وزيراعظم چيو ته ارشد نديم ثابت ڪيو ته ڏکيائين کان گهٻرائن نه گهرجي.- Advertisement -
