- Advertisement -
سنڌ اسميبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اڳيان پيش ڪيل آڊٽ رپورٽ ۾ 34 ڪروڙ 59 لک روپين جي ستن پيرائن ۾ گورک ھل اسٽيشن ۽ ڀٽ شاھ جي ڪمن جي فنڊن ۾ بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي.
سنڌ اسمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين نثار احمد کهڙو جي صدارت ۾ ٿيو.
پي اي سي اجلاس ۾ رڳو ھڪ حڪومتي ميمبر قاسم سراج سومري جي موجودگي ۾ ڪورم پورو نه ھجڻ باوجود ڪيو ويو.
اجلاس ۾ ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي جي مختلف ڪمن بابت 2 ارب21ڪروڙ 20لک فنڊن مان ھڪ ارب 86 ڪروڙ رپين جو رڪارڊ پيش ڪيو ويو.
آڊٽ رپورٽ ۾ 34 ڪروڙ 59 لک روپين جي 7 پيرائن ۾ گورک ھل اسٽيشن ۽ ڀٽ شاھ جي ڪمن جي ٻين فنڊن ۾ بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو.
پي اي سي اجلاس ۾ ثقافت کاتي پاران 2019 کان چار ڀيرا معزز فورم جي حڪمن کي ٿڏي ڇڏڻ واري مامري تي ڪميٽي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
پي اي سي طرفان سيڪريٽري، سياحت ۽ ثقافت کي ڪوتاهي ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
سيڪريٽري ثقافت خير محمّد ڪلوڙ چيو ته ماضي ۾ پي اي سي جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪامورن خلاف ڪارروائيَ ڪئي ويندي.
پي اي سي چيئرمين چيو ته ھاڻي ڪا به پيرا ريفر نه ٿيندي، کاتا رڪارڊ پيش نه ڪندا ته فوري ڪاروائي ٿيندي.- Advertisement -
