- Advertisement -
حڪومت مهانگائي جي ماريل عوام کي معمولي رليف ڏيندي پئٽرول هڪ رپيو 86 پيسا ۽ ڊيزل 3 رپيا 32 پيسا سستو ڪيو آهي.
حڪومت طرفان تيل جي اگهن ۾ لاٿ ڪئي وئي آهي.
پئٽرول هڪ رپيو 86 پيسا في لٽر سستو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد پئٽرول جو نئون اگهه 259 رپيا 10 پيس في لٽر ٿي ويو آهي.
ڊيزل جي اگهه ۾ 3 رپيا 32 پيسا لاٿ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد ڊيزل 262 رپيا 75 رپيا في لٽر ملندو.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گاسليٽ جي اگهه ۾ 2 رپيا 15 پيسا ۽ لائٽ ڊيزل 2 رپيا 17 گهٽتائي ڪئي وئي، نوان اگهه رات ٻارهين وڳي کان لاڳو ٿيندا………- Advertisement -
