- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هو پاڻ پنهنجي شهرن کي تباهه ڪندا آهن، ڪراچي ۾ هر روڊ تي ٽريفڪ جي ڀڃڪڙي ٿيندي آهي، حڪومت سختي ڪندي آهي ته ايسوسي ايشن عدالتن ۾ وينديون آهن، حڪومت طرفان چنگچي رڪشا تي پابندي آهي، عدالت جي حڪم تي چنگچي رڪشا هلي رهيا آهن، ننڍي عمر جا ٻار وڏيون گاڏيون هلائي رهيا آهن، ڪو ننڍي عمر جو ٻار ڪنهن حادثي ۾ ڪنهن کي ماريندو ته قتل جي زمري ۾ ايندو.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته معاشري ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽريفڪ پوليس وارا رحم جوڳا آهن، 40 کان 45 ڊگري جي گرمي ۾ به ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهي ڊيوٽي ڪندا آهن، ڪراچي ۾ ماضي ۾ ٽريفڪ پوليس جي جوانن کي به نشانو بڻايو ويندو هو.
سندس چوڻ هو ته ٽريفڪ پوليس جا اهلڪار جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ڊيوٽي ڪري رهيا آهن، ننڍي عمر ۾ گاڏيون هلائيندڙ خلاف پهرين جنوري کان 30 آڪٽوبر تائين 304 چالان ٿيا، 9 لک 12 رپيا حڪومت چالان جي مد ۾ اوڳاڙي ڪيا آهن.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڊرائيونگ لائسنس کانسواءِ گاڏي هلائڻ تي هڪ هزار 860 ماڻهن کي چالان ڪيو ويو، 37 لک 20 هزار رپيا چالان جي مدد ۾ اوڳاڙي ڪيا ويا، 60 چنگچي رڪشا هلائڻ تي چالان ٿيا، جن کان هڪ لک 20 هزار رپيا ڏنڊ ورتو ويو.
هن چيو ته ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي طرفان سنيپ چيڪنگ ڪئي ويندي آهي، حڪومت طرفان چنگچي رڪشا تي پابندي آهي، عدالت جي حڪم تي چنگچي رڪشا هلي رهيا آهن.
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته ٻار گاڏيون هلائي رهيا آهن، سڀ کان وڌيڪ ذميواري والدين جي آهي، ڪو ننڍي عمر جو ٻار ڪنهن حادثي ۾ ڪنهن کي ماريندو ته قتل جي زمري ۾ ايندو، کين احساس ڪرڻ گهرجي ته هو ڪهڙي طرح ٽريفڪ قانون تي عمل ڪندا آهن.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪار شوروم وارن جون گاڏيون روڊ تي بيٺل هونديون آهن، سنگل روٽ هلندا آهن، ٽريفڪ پوليس وارا چئي چئي ٿڪجي پيا آهن، سندن پنهنجون غلطيون آهن، ڪراچي ۾ هر روڊ تي ٽريفڪ جي ڀڃڪڙي ٿيندي آهي، حڪومت سختي ڪندي آهي ته ايسوسي ايشن عدالتن ۾ وينديون آهن……….- Advertisement -
